جيمس آباد

جيمس آباد: جيمس آباد ضلعي ميرپورخاص جو هڪ تعلقو ۽ شهر رهيو آهي. ميرپورخاص کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هيءُ شهر مشهور انگريز جيمس برنس اوڻيهين صديءَ ۾ جوڙايو. 1920ع ۾ هن کي تعلقي جي حيثيت ملي. هن شهر ۾ هڪ ٽائون ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. روڊ رستي هيءُ شهر ميرپورخاص سان ڳنڍيل آهي. هن وقت جيمس آباد کي سنڌ جي محب وطن سياستدان، غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي نالي ’ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي‘ سان سڏيو وڃي ٿو. شهر جي ڀرسان ملڪ جو وڏي ۾ وڏو خانگي فروٽ فارم ’ڪاڇيلو فارم‘ پڻ موجود آهي


لفظ جيمس آبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو